اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مر??ضيٰ سو??نگي پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيدالمالڪي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ميڊيا ۽ ڪميونيڪشنز جي شعبي ۾ طئي ٿيل معاهدن تي عملدرآمد جي رفتار تيز ڪرڻ، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا ۽ ڊرامي سميت ٻين لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم جو بين المذاهب هم آهنگي جي لاءِ خصوصي نمائندو علامه طاهر محمود اشرفي پڻ موجود هو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ابلاغيات جي شعبي ۾ گڏيل تعاون جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير سعودي سفير جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي 12 نومبر تي اجلاس جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مر??ضيٰ سو??نگي سعودي عرب پاران اسلامي تعاون تنظيم جو سربراهي اجلاس گهرائڻ ??ي آجيان ??ند?? چيو ته باني ميمبر طور پاڪستان او آءِ سي قائم ٿيڻ جي مقصدن ۽ ان جي وڌيڪ مضبوطي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ??ند?? رهندو، مسلمان امت جي مفادن جي تحفظ ۾ او آءِ سي جي ڪردار جي سگهه ۽ ان ڏس ۾ سعودي عرب جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جو سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سعودي سفير اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير کي سعودي عرب جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مر??ضيٰ سو??نگي سعودي سفير نواف سعيد المالڪي جا دوري جي دعوت تي ٿورا مڃيا.
اطلاعات ۽ نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais