اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته اچو ته گڏجي عزم ڪريون ته اسان پنهنجي ڪوتاهين کي نظرانداز نه ڪنداسين ته ڪوتاهين دُور ڪري اميد جو ڏيئو روشن ڪنداسين. مختصر وقت ۾ اه??و ڪم ڪنداسين جيڪو مثال بڻجي وڃي جيڪو ڏسي رهيا آهيون محسوس ڪري رهيا آهيون اهي ئي ڳالهيون ڪنداسين. هن وقت تائين 3 ڪروڙ ٻار آئوٽ آف اسڪول ڇو آهن، ٻارن کي تعليمي نيٽ ورڪ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ 10 کان 12 سالن جو پلان جوڙڻ جي ضرورت آهي. اه??و اظهار هن علامه اقبال اوپن يونيو??سٽ?? ۾ عالمي خواندگي جي ڏهاڙي جي حوالي سان رٿيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. مدد علي سنڌي چيو ته مان علامه اقبال اوپن يونيو??سٽ?? جي تعليمي خدمتن کان چڱيءَ ريت واقف آهيان ۽ ان يونيو??سٽ?? جي ملڪ گير خدمتن کان مطمئن آهيان. هن عالمي يومِ خواندگي جي حوالي سان سيمينار رٿڻ تي يونيو??سٽ?? جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود کي مبارڪباد ڏني. علامه اقبال اوپن يونيو??سٽ?? جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود چيو ته پاڪستان پنهنجي آزاديءَ جا 76 سال گذاريا پر اڄ به اسان وٽ 3 ڪروڙ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن جن کي اسان کي اسڪول پهچائڻو هو پر پهچائي نه سگهياسين. هن چيو ته ان ٻارن کي اسڪول آڻڻ لاءِ ڊگهي مدي جي منصو??ي جي ضرورت آهي.
ڪوتاهيون دُور ڪري اُميد جو ڏيئو روشن ڪنداسين، اچو ملي عزم ڪريون: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ