ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه جي گڏيل حصيداري سان تيار ٿيندڙ ملجم ڪلاس جنگي سامونڊي جهاز پي اين ايس طارق پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شامل ٿي ويو. ان موقعي تي ڪراچي شپ يارڊ ۾ منعقد خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز شرڪ?? ڪئي. ترڪيه جو نائب صدر جودت يلماز تقريب جو خاص مهمان هو. تقريب ۾ پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل امجد نيازي سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪ?? ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي نائب صدر سان گڏ پي اين ايس طارق جي لانچنگ ڪئي. پي اين ايس طارق ملجم ڪلاس ڪارويٽ جنگي جهاز انهن چئن سامونڊي جهازن مان هڪ آهي جيڪي ترڪيه سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي م??اه??ي تحت ترڪ ۽ پاڪستاني انجنيئرز گڏجي ٺاهي رهيا آهن. 2018ع ۾ پاڪ بحريه ۽ ترڪيه جي وچ ۾ 4 جنگي سامونڊي جهازن جي تياري جو م??اه??و ٿيو هو. م??اه??ي تحت 2 جهاز ترڪيه ۽ 2 جهاز پاڪستان ۾ تيار ڪيا پيا وڃن. ان کان اڳ 3 جهازن جي لانچنگ ٿي چڪي آهي ۽ اهي مڪمل ٿيڻ جي مختلف مرحلن ۾ آهن. پي اين ايس طارق پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ ٻيو سامونڊي جنگي جهاز آهي. ان کان اڳ وزيراعظم کي جهاز جي تياري بابت بريفنگ ڏني وئي.
پاڪستان ۽ ترڪيه جي گڏيل حصيداري سان تيار ٿيندڙ ملجم ڪلاس جنگي سامونڊي جهاز پي اين ايس طارق پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شامل
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena