اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت مواصلات ڊويزن ??ي 3 جاري ۽ 3 نئين م??صوبن لاءِ مجموعي طور تي 360.390 ملين رپيا رکيا ويا آهن. ڪالهه جمعي ڏينهن پي ايس ڊي پي جي جاري دستاويزن م??جب مواصلات ڊويزن ??ي 3 جاري منصوبن جي لاءِ 184.290 ملين رپيا رکيا ويا آهن. جن ۾ ڪنسٽرڪشن ٽيڪنالاجي ٽريننگ انسٽيٽيوٽ (سي ٽي ٽي آئي) اسلام آباد ۾ 200 شاگردن جي لاءِ هاسٽل جي تعمير، رحيم يار خان انٽرچينج ايم – 5 تي ايس ا??س ٽي آفيس ۽ ٻين سهولتن جي تعمير، شير شاهه انٽرچينج ايم – 5 سيڪٽر 1 تي سهولتن جي تع??ير جا منصوبا شامل آهن. 3 نئين م??صوبن جي لاءِ 178.100 ملين رپيا رکيا ويا آهن. جن ۾ شيخوپوره انٽرچينج جي تع??ير جي لاءِ 106 ڪينال 15 مرلا زمين جي خريداري جي لاءِ ٽانڪ پوسٽ ماسٽر جي رهائشگاهه ۽ جي پي او جي تع??ير ۽ اي – 35 مانسهره جي لاءِ ايس ا??س پي آفيس جي تع??ير جا منصوبا شامل ڪيا ويا آهن.
پي ايس ڊي پي تحت مواصلات ڊويزن جي 3 جاري ۽ 3 نئين منصوبن لاءِ مجموعي طور تي 360.390 ملين رپيا مختص
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون