اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن، عورتن ۽ آبادگارن جي ترقي جا انقلابي پروگرام ب??يٽ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب ب??يٽ 24 – 2023ع ۾ نوجوانن، عورتن ۽ زرعي ٽيوب ويلز بابت خصوصي منصوبن جي لاءِ رقم رکي ويندي، نوجوانن کي بنا وي??ج جي قرض ملندا، تعليم ۽ اسپورٽس انڊومنٽ فنڊ ٺاهيا و??ندا. پنجاب انڊومنٽ فنڊ جي طرز تي ”تعليم بابت پاڪستان انڊومنٽ فنڊ“ قائم ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئ?? اهي، ان فنڊ سان سڄي ملڪ جي ذهين پر غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا ڏنا و??ندا. نوجوانن کي ننڍا قرض ڏيڻ جي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي لاءِ وڏي رقم رکي وئي آهي. نوجوانن کي آءِ ٽي سميت مختلف هنر سيکارڻ جي لاءِ وسيلا ب??يٽ ۾ رکيا وي?? آهن. نوجوانن کي هڪ لک مفت ليپ ٽاپ جي فراهمي جي لاءِ رقم پڻ ب??يٽ ۾ رکي وئي آهي. آءِ ٽي جي شعبي ۾ نئون ڪاروبار شروع ڪندڙ نوجوانن جي مالي مدد ڪئي ويندي. نوجوانن کي راندين جي ميدان ۾ آڻڻ ۽ اسپورٽس سرگرمين جي حوصلا افزائي جي لاءِ فنڊز رکيا وي?? آهن. عورتن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي پروگرام جي لاءِ رقم رکي وئي آهي. زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي پروگرام جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي، زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي وزيراعظم جي آبادگار پئڪيج جي ٻئي حصي طور ڪئي ويندي.
وزيراعظم شهباز شريف نوجوانن، عورتن ۽ آبادگارن جي ترقي جا انقلابي پروگرام بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ