اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ت??جمان چيو آهي ته 6 فيبروري تي ايندڙ شديد ??لزلي جي ڏس ۾ ترڪ عوام سان يڪجهتي ۽ حمايت جي خصوصي اظهار جي لاءِ وز??راعظم محمد شهباز شريف 16 ۽ 17 فيبروري ي ت??ڪيه جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان جاري بيان ۾ چيو ته انقره ۾ پنهنجي قيام دوران وز??راعظم ترڪيه جي صدر ??جب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو ۽ زلزلي سان قيمتي جانين جي زيان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ نقصان تي پوري پاڪستاني قوم پاران ذاتي طور تي دلي ت??زيت جو اظهار ڪندو. ترجمان موجب وز??راعظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪ عوام سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ جاري امدادي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکڻ جي پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته وز??راعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ علائقي ۾ مقرر پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان گڏوگڏ زلزلي ۾ بچي ويندڙن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان موجب وز??راعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي ڏس ۾ 6 فيبروري تي ت??ڪ صدر ??جب طيب اردوان سان ڳالهه ٻولهه ڪري انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن جي لاءِ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي هئي. بيان موجب ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪيو ويو آهي ۽ وز??راعظم ذاتي طور تي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ هر آزمائش ۽ مصيبت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن.
ترڪ عوام سان يڪجهتي ۽ حمايت جي خصوصي اظهار جي لاءِ وزيراعظم 16 ۽ 17 فيبروري ي ترڪيه جو دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری