اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي جي گهر واري ثمين?? عارف علوي چيو آهي ته سٽل آرٽ سان گڏوگڏ اسلامڪ ۽ پاڪستاني آرٽ جي قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت ??هي. اميد آهي ته نوجوان ۽ اُڀرندڙ مصور ان نمائش مان فائدو کڻندا ۽ پن??نج?? صلاحيتن کي نکاريندا. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته الله تعاليٰ انسان کي تمام گهڻين صلاحيتن سان نوازيو آهي ۽ هو ان جو اظهار مختلف طريقن سان ڪري ٿو، پن??نج?? جذبن کي ٻين تائين پهچائڻ لاءِ هو مصوري، خط??طي?? مجسمه سازي، ڊرائينگ، ناچ، موسيقي، ادب ۽ ٻين بي شمار ذريعا استعمال ڪري ٿو. هن چيو ته فائن آرٽس ذريعي انسان پن??نج?? خوبصورت ??ذبن جو اظهار بهتر طريقي سان ڪري سگهي ٿو. هي تخليقي جذبن جو اهڙو اظهار آهن جيڪي اسان جي زندگيءَ کي خوبصورتي ۽ خوشيءَ سان متعارف ڪرائين ٿا. هن چيو ته فائن آرٽ جي اهميت ايتري ئي آهي جيتري زندگيءَ جي اهميت آهي، هي آرٽس انسان جي ارتقا ۽ تاريخ کي جوڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن. آرٽ پن??نج?? مختلف شڪلن ۾ قوم جي ڪلچر، ثقافت، سماجي قدرن ۽ تهذيب کي اجاگر ڪرڻ جو اهم ذريعو پڻ آهن. اسان جو اسلامي ڪلچر، ثقافت ۽ آرٽ شاندار روايتون رکندڙ آهي. اسلامي فن تعميرات ۽ خطاطي جا نمونا دنيا ۾ پن??نج?? بهتر سُڃاڻپ رکن ٿا. هن چيو ته سٽل آرٽ سان گڏوگڏ اسلامڪ ۽ پاڪستاني آرٽ کي قومي ۽ عالمي سطح تي هٿي ڏيڻ جي ضرورت ??هي. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته ان نمائش ۾ سڄي پاڪستان جي فنڪارن جا فن پاره پيش ڪيا ويا آهن، اسان آرٽ کي هٿي ڏيڻ ۽ ان کي محفوظ رکڻ لاءِ فنڪارن جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن اميد ظاهر ڪئي ته نوجوان ۽ اُڀرندڙ مصور ان نمائش مان فائدو حاصل ڪندا ۽ پن??نج?? صلاحيتن کي نکاريندا. بيگم ثمين?? عارف علوي چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دؤر ۾ پڻ فنونِ لطيفه جي اهميت کان انڪار ممڪن ناهي، فائن آرٽس پڻ ان ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي نَون صورتن ۾ سامهون اچي رهيا آهن. هن چيو ته اسان جون ڪيتريون ئي يونيوسٽيون، ڪاليج ۽ ادارا آرٽ جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ پن??نج?? مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن پر ان ۾ وڌيڪ بهتريءَ جي ضرورت ??هي. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ موجود آهي ۽ هي فنڪار سڄي دنيا ۾ پن??نج?? ۽ پن??نج?? ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ان نمائش وانگر اهڙن فن پارن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت ??هي، جن وٽ تخليقي صلاحيتن جو اظهار ڪرڻ جو هُنر هوندو آهي، انهن وٽ فنڊز نه هوندا آهن ۽ اهڙيون نمائشون اهڙن فنڪارن کي پن??نج?? صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ ۽ ڏيکارڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. اهڙيءَ طرح جون نمائشون پاڪستاني فن ۽ دستڪاريءَ کي عاليمس طح تي مقبول بنائڻ ۽ پن??نج?? هڪ سُڃاڻپ ڏيارڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿيون. ان موقعي تي هن نمائش جو افتتاح پڻ ڪيو ۽ فن پاره ڏٺا ۽ مختلف مصورن جي فن پارن جي تعريف پڻ ڪئي.
سٽل آرٽ سان گڏوگڏ اسلامڪ ۽ پاڪستاني آرٽ جي قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ