اسلام آباد– 03 – نو??بر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر ۾ سفري سهولتن جي بهتري جي لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي مختلف ??يڪ??رز کي ميٽروبس سسٽم سان ڳنڍڻ جي لاءِ منصوبو جاري ڪيو ويو، 13 روٽس ۽ 128 بسن تي ٻڌل فيڊر روٽس بس نيٽ ورڪ جو پهريو مرحلو ايندڙ سال جي پهرين ٽي ماهي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. زويراعظم آفس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پهرين مرحلي ۾ ايف، جي ۽ آئي ??يڪ??رز سان گڏو گڏ ڊي 12 کي مر??زي ميٽرو نيٽ ورڪ سان بسون جي ذريعي ڳنڍيو ويندو. ان فيڊر روٽس سان تقريبن هڪ لک مسافرن کي آرام ده ۽ عالمي معيار جون سفري سهولتون ميسر اينديون. وزيراعظم محمد شهباز شريف منصوبي کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا