ڪالام – 31 R11; آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف ڪالام ۾ ڦاٿل جرمن سياح ??اندان سميت ٻين سياحن کي فوري طور ڪڍڻ لاءِ فوري طور هيليڪاپٽر فراهم ڪندي، هنگامي بنيادن تي رستن جي بحالي جو ڪم ايف ڊبليو او جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جيڪو ڪالهه خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن ڪالام ۽ سوات جي دوري تي پهتو، تنهن اتي موجود سياحن سان ملاقات به ڪئي. انهن کي ملندڙ سهولتن جو جائزو به ورتو وزيراعظم سياحن ۽ ٻوڏ متاثرين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ آئون خيبرپختونخواهه جي دوري تي آيو آهيان ماڻهن سان مليو آهيان، انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، هتي رليف سينٽر ۾ عورتن، ٻارن سميت ڪافي سياح ??ه موجود آهن، انهن کي انهن جي گهرن تا??ين پهچائينداسين، پاڪ فوج جا هيليڪاپٽر انهن کي ڪڍي ??هي?? آهن، هتي ڦاٿل سمورن سياحن کي ڪڍي وٺنداسين، وزيراعظم جرمني مان آيل سياح ??اندان سان به مليو. کيس ٻڌايو ويو ته هتي 600 کان 700 تا??ين سياح ??ڃا موجود آهن جن کي سڀاڻي تا??ين ڪڍيو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته وڏي مشينري سان بحالي جو ڪم جاري آهي. اسان جي پهرين ترجيح رستن جي بحالي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مدين، بحرين، سيدو ش??يف ۽ ڪالام ۾ ڪيتريون ئي پليون ۽ رستا تباهه ٿيا. وزيراعظم اين ايڇ اي کي هدايت ڪئي ته رستن کي جلد بحال ڪيو وڃي. ڪالام ۾ ڦاٿل سياحن کي فوري ڪڍيو وڃي. وزيراعظم هنگامي بنيادن تي رستن جي بحالي جو ڪم ايف ڊبليو او جي حوالي ڪري ڇڏيو. اتي ڦاٿل سياحن کي ڪڍڻ جي لاءِ فوري هيليڪاپٽر فراهم ڪرائي ڇڏيو.
وزيراعظم پاران ڪالام ۾ ڦاٿل سياحن کي فوري طور ڪڍڻ لاءِ هيليڪاپٽر فراهم، جرمن سياح خاندان سميت ٻين سياحن سان مُلاقات، رليف سينٽر ۾ عورتن، ٻارن سميت ڪافي سياح به موجود آهن، هتي ڦاٿل سمورن سياحن کي ڪڍي وٺنداسين: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج