اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي نيول هيڊڪوارٽر اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سان ملاقات ڪئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ملاقات دوران علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وز??ر کي پاڪستان جي ??يري ٽائيم سيڪيورٽي چئلينجز ۽ پاڪ بحريه جي ڪردار تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ترجمان موجب ان موقعي تي پرڏيهي وز??ر پاڪ بحريه جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اڀرندڙ ميري ٽائيم چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ پاڪ بحريه کي هر ممڪن حڪومتي تعاون جي خاطري ڪرائي. پرڏيهي وز??ر ملڪي معيشت ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي اهميت ۽ ان حوالي سان پاڪ بحريه جي ڪردار کي ساراهيو. هن سامونڊي سفارتڪاري جي ذريعي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ تي پاڪ بحريه کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. امير البحر نيول هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪرڻ تي پرڏيهي وز??ر جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪ بحريه سدائين پنهنجي ??لڪي سامونڊي سرحدن ۽ سامونڊي مفادن جو تحفظ جاري رکندي.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو نيول هيڊڪوارٽر اسلام آباد جو دورو، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II