??سل??م آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ضلعي ۽ تعلقي جي سطح تي مارڪيٽ ڪميٽين کي وڌيڪ موثر بڻائي عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ??ڃن. اها هدايت هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ گڊ گورننس بابت اجلاس ۾ ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عالمي منڊي ۾ مهانگائي جي تاز?? رجحان جي ڪري پاڪستان ۾ هن وقت مهانگائي جا اثر پئجي رهيا آهن، اسان گڊ گورننس ۽ بهتر پرائس ڪنٽرول مڪينزم جي ذريعي ضرورت جي شين جي قيمتن جي موثر نگراني کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون، ان مقصد جي لاءِ سپلائي چين تي مناسب ڪنٽرول، قيمتن جو موثر نفاذ ۽ ذخيره اندوزي تي سخت چيڪ کي وڌيڪ موثر بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ضلعي ۽ تعلقي سطح تي مارڪيٽ ڪميٽين کي وڌيڪ موثر بڻائي عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻن. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان کي ٻڌاي?? ويو ته پي ٽي آءِ جي گڊ گورننس ٽيم پاران راولپنڊي ۽ ??سل??م آباد ۾ ڪاميابي سان پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪي?? ويو جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت جي جاري ڪيل اگهن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي ذريعي ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم کي اهو به ٻڌاي?? ويو ته ضلعي ۽ تعلقي جي سطح تي قيمتن جي نگراني جي مضبوط مڪينزم جي نئين سر جوڙجڪ جي لاءِ غيرموثر مارڪيٽ ڪميٽين بابت حاصل ڪيل منع نامن کي جلد کان جلد ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين، سينيٽر سيف الله نيازي ۽ ٻيا ??اڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.
ضلعي ۽ تعلقي سطح تي مارڪيٽ ڪميٽين کي وڌيڪ موثر بڻائي عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ