نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود ق??يشي چيو آه?? ته افغان مشن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان آمريڪا سان وڌيڪ گهڻ رخي ۽ وسيع البنياد لاڳاپن جو خواهشمند آه??، آمريڪا سان لاڳاپا پاڪستان جي لاءِ خاص اهميت رکندڙ آه??، افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جي غلطي کي نه ورجايو وڃي، عالمي برادري افغانستان ۾ هڪ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي ترغيب ڏي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ڪائونسل آن فارن ريليشنز کي خصوصي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود ق??يشي چيو ته پاڪستان جي لاءِ آمريڪا اهم حصيدار آه??. آمريڪا اڃا به اسان جي سڀ کان وڏي برآمدي منڊيءَ ۽ پرڏيهي مٽاسٽآ جي ناڻي جو وڏو ذريعو آه??. آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجو بنيادي مقصد حاصل ڪري ورتو آه??. افغانستان ۾ آمريڪي فوجي مشن کانپوءِ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته 11 سيپٽمبر جي دهشتگرد حملن کانپوءِ پاڪستان ۽ آمريڪا القاعده جي بنيادي قيادت کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجو بنيادي مقصد حاصل ڪري ورتو آه??. پرڏيهي وزير پنهنجي خطاب ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۽ علائقائي سلامتي جي حوالي سان پاڪستان جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته آمريڪا پاران افغان مشن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان آمريڪا سان وڌيڪ گهڻ رخي ۽ وسيع البنياد لاڳاپن جو خواهشمند آه??، پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي جنهن حوالي سان سڃاتو ويندو هو پاڪستان ان ”اڳوڻي روش کان ٻاهر نڪرڻ“ جو خواهشمند آه??. پرڏيهي وزير چيو ته نائن اليون جي دهشتگرد حملن کانپوءِ پاڪستان ۽ آمريڪا گڏجي دهشتگردي جي خلاف جنگ ڪئي. هن چيو ته آمريڪا سان لاڳاپا پاڪستان جي لاءِ خصوصي اهميت رکندڙ آه??، آمريڪا سڀ کان وڏي ايڪسپورٽ مارڪيٽ جو درجو رکي ٿي. پاڪستان جا ذهين نوجوان اڄ به تعليم جي لاءِ آمريڪي تعليمي ادارن جو رخ ڪن ٿا جڏهن ته آمريڪا ۾ رهندڙ سياسي طور تي متحرڪ پاڪستاني ڪميونٽي پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ بطرفن لاڳاپن ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. شاهه محمود ق??يشي چيو ته پاڪستان اقتصادي ترجيحي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آه??. اسان پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن جي حوالي سان نئين امڪانن جي ڳولائو آه??ون. شاهه محمود ق??يشي چيو ته پاڪستان 220 ملين ماڻهن تي ٻڌل اڀرندڙ مارڪيٽ آه??، جتي ٽيڪنالاجي ۽ قابل تجديد توانائي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آه??، جتي آمريڪي ڪمپنيون سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿيون. پاڪستان گذريل 40 سالن کان افغانستان م جاري عدم استحڪام جي وڏي قيمت ادا ڪئي. شاهه محمود ق??يشي واضح ڪيو ته معاشي لحاظ کان مضبوط پاڪستان خطي ۾ استحڪام جو مظهر هوندو. مخدوم شاهه محمود ق??يشي چيو ته پاڪ افغان سرحد جي بنهي طرفن روزگار ۽ معاشي خوشحالي حاصل ڪرڻ ۽ افغان عوام کي پنهنجي ملڪ جي نئين سر تعمير ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آه??. افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جي غلطي ورجائڻ کان روڪڻ جي لاءِ هڪ مستحڪم حڪومت قائم ڪرڻ لازمي آه??. طالبان کي به دهشتگردي جي خاتمي، انساني حقن جي تحفظ ۽ سياسي شموليت بابت پنهنجي واعدن جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. شاهه محمود ق??يشي چيو ته عالمي برادري ممڪن انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان عوام جي فوري مدد کي يقيني بڻائي. ڪشمير جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان عهدو سنڀالڻ جي فوري پوءِ ڀارت کي ڳالهين جي آڇ ڪئي. ڀارت نه رڳو ان امن جي آڇ کي ٿُڏيو پر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي پنهنجي غيرقانوني قدمن ذريعي پوري خطي کي غيرمستحڪم بڻائي ڇڏيو، ان جي باوجود ڀارت ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو. سيد علي شاهه گيلاني جي لاڏاڻي تي ڀارت جي بوکلاهٽ ۽ غيرانساني رويي سڄي دنيا آڏو سندس پول کولي ڇڏيو. شاهه محمود ق??يشي چيو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي جي پرامن حل ڳولڻ جي لاءِ پرعزم آه?? پر اها ذميواري ڀارت تي آه?? ته هو بامعنيٰ ۽ نتيجا خيز ڳالهين جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري. اسان کي اميد آه?? ته عالمي برادري خودمختياري ۽ آزادي جي حق جي اصولن کي ڪشمير ۾ سياست جي ور چڙهڻ نه ڏيندي. پرڏيهي وزير شرڪت ڪندڙن پاران پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي پڇيل سوالن جا جواب ڏنا ۽ پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. تقريب ۾ ناليوارن تجزيه نگارن، ٿنڪ ٽينڪ ڪميونٽي جي ميمبرن کانسواءِ ميڊيا نمائندن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
افغان مشن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان آمريڪا سان وڌيڪ گهڻ رخي ۽ وسيع البنياد لاڳاپن جو خواهشمند آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : کڑک