اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش توانائي جي چئلينجن کي حل ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ض??ورت آهي، ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن مينيجمينٽ سسٽم لاڳ?? ڪرڻ سان تيل ۽ گئس جي ذخيرن م??ن گهٽ لاڳت ۾ فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته قومي خزاني تي پيل بار کي گهٽ ۽ عوام کي سستي اگهن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي به ممڪن ٿي سگهندي. هو هتي ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي دريافت ۽ پيداوار ۾ اضافي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وفاقي وزير عمر ايوب خان، شبلي فراز، خاص مددگار ند??م بابر ۽ سنيئر آفيسر به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب پيٽروليم واري سيڪريٽري اجلاس کي ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن مينيجمينٽ سسٽم جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز