اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اهو ماڻهو تقرير ڪري رهيو آهي جيڪو سسٽم ۽ عدالتن کي دوکو ڏئي ملڪ کان ٻاهر ويٺل آهي، اهو ائين آهي ته جئين ڪو هلندي گاڏي مان ڪنهن کي گار ڏئي ڀڄي وڃي، جنهن شخص کي قوم 3 ڀيرا وزيراعظم بڻايو ان ٻاهرين ملڪ اربين روپين جا اثاثا ۽ جائيدادون ٺاهيون، عدالتن به چيو آهي ته اهو ماڻهو قانون جو مذاق اڏائي رهيو آهي، وزيراعظم هڪ ئي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته ڳالهين ۾ نه الجهايو عدالتن کي ان ٻن سوالن جا جواب ڏيو ته توهان ايون ف??لڊ ڪيئن ٺاهي ۽ پئسا ڪيئن ٻاهر کڻي ويا ۽ اهو ئي قوم جا سوال آهن، نواز شريف پنهنجي ??ات ۽ اثاثن کي بچائڻ لاءِ ملڪ جي ??لامتي کي داءُ تي لڳائي رهيو آهي ۽ 30 سالن ۾ هن ملڪ جو ستياناس ڪيو، نواز شريف هن ملڪ ۽ قوم جو ڏوهاري آهي جنهن ڊالر کي هٿرادو طريقي سان برقرار رکڻ جي لاءِ ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو جنهن سان نه رڳو معاشي سرگرميون بند ٿيون پر صنعتي ترقي کي به نقصان ٿيو، روانگي واپار ۾ گهٽتائي ٿي ۽ توهان تعليم، صحت ۽ عوام تي پسئو خرچ نه ڪيو ۽ توهان جي ??لط پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي، لنڊن ۾ عاليشان محل ۾ ويهي جيڪو نيلسن منڊيلا بڻجڻ چاهي ٿو اهو قوم کي هڪ ڀيرو ٻيهر گمراهه ڪري رهيو آهي، ق??م ادارن تي تنقيد برداشت نه ڪندي، ڪورونا جي ڪري سڄي دنيا جي معيشت تي خراب اثر پيو پر بهتر حڪمت عملي سان اسان کي ڪاميابي ملي، انهن حالتن ۾ به کاڌي پيتي جي ??ين جي فراهمي ۾ رڪاوٽ نه آهي، سياسي استحڪام نه ٿيڻ جي ڪري ملڪ ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري نه اچي، ادارن کي داءُ تي لڳائڻ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿيندو، وزيراعظم عمران خان ملڪ کي ڦريندڙن جي ??حتساب لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
سسٽم ۽ عدالتن کي دوکو ڏيندڙ شخص تقريرُون ڪري رهيو آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ