اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جمعي ڏينهن ڪ??اچي جي دوري دوران شهر جي مسئلن جي حل لاءِ جامع حڪمت عملي جو اعلان ڪندو، وزيراعظم عمران خان برسات ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ احساس پروگرامن جو ٻيو مرحلو جلد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، نواز شريف کي قانون جي سامهون پيش ٿي سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا، پاڪستان دشمن سي پيڪ جي خلاف سازشون ڪ??ي ره??ا آهن، اهو ملڪي ترقي جو منصوبو آهي، اسان ثابت قدمي سان ان تي ڌٻو نه اچن ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو، اطلاعات واري وزير چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪراچي جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان سميت حڪومت جون سموريون همدرديون ڪ??اچي جي عوام سان گڏ آهن، ڪراچي جا ماڻهو جهڙي صورتحال مان گذري ره??ا آهن اهي سڀني جي سامهون آهي، وزيراعظم عمران خان چاهي ٿو ته ڪراچي جون حالتون بهتر ٿين، وزيراعظم عمران خان جمعي ڏينهن ڪ??اچي جو دورو ڪندو، وزيراعظم پنهنجي دوري دوران سنڌ حڪومت، اين ڊي ايم اي سميت لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان ڪ??اچي جي مسئلن جي حل جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جو اعلان ڪندا.
وزيراعظم جمعي تي ڪراچي جي دوري دوران جامع حڪمت عملي جو اعلان ڪندو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت