سيالڪوٽ – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ ايترا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن جن جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، جولاءِ 2018ع جون عام چونڊون به مسلم ليگ (ن) ئي کٽيندي ڇو ته سياست جا فيصلا عدالتن ۾ نه پر پولنگ اسٽيشنن تي ٿيندا آهن، عد??لت ۾ نواز شريف کي هاءِ جيڪر بڻايو ويو هو پر تاريخ اه?? فيصلو قبول نه ڪيو، نااهل ڪرڻ جو فيصلو به تاريخ جي ردي جي ٽوڪري ۾ ويندو. سيالڪوٽ ۾ پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف جي رهائشگاهه تي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته چار پنج سال حڪومت ڪرڻ کانپوءِ نعرا هڻندڙ گهٽ ۽ تنقيد ڪرڻ وارا وڌيڪ هوندا آهن پر ا?? سيالڪوٽ جي عوام جو جوش ?? جذبو ڏسي لڳي ٿو ته جولاءِ 2018ع جون چونڊون به مسلم ليگ (ن) ئي کٽيندي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار