ڪراچي– 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن بابت وز??راعظم جي مشير سرتاج عزيز چيو آهي ته آمريڪا سان پائيدار ??اڳاپن جا خواهشمند آهيون،هندستان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڪشمير جي مسئلي تان عالمي سطح تي ڌيان هٽايو وڃي،حافظ سعيد کي نيشنل ايڪشن پلان تحت نظربند ڪيو ويو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن چيو ته وز??راعظم محمد نواز شريف جو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان پهريون رابطو ??نت??ائي خوشگوار رهيو،اسان جا ۽ آمريڪا جا ڪجهه گڏيل مقصد آهن جنهن ۾ افغانستان جي صورتحال،دهشت گردي جو خاتمو ۽ واپار ??ڌائڻ سرفهرست آهن. هن چيو ته نئين آمريڪي انتظاميه سان سٺن ۽ پائيدار ??اڳاپن جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته هندستان پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڪشمير مسئلي تان دنيا جو ڌيان هٽايو وڃي ۽ پاڪستان تي ڪوڙا الزام هنيا وڃن.
آمريڪا سان پائيدار لاڳاپن جا خواهشمند آهيون: سرتاج عزيز
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa