نيويارڪ – 18 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته افغانستان جي عورتن کي ڪ??رو??اري سرگرمين ۾ سخت رڪاوٽون درپيش آهن، ان باوجود انهن جي انتظام هيٺ ڪ??رو??اري ادارا ٻين عورتن لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪ??ي رهيا آهن. ترقي بابت عالمي اداري جي پروگرام (يو اين ڊي پي) جي ت??زي رپورٽ مطابق افعانستان ۾ سخت چيلنجز کي منهن ڏيڻ باوجود عورتن جي انتظام هيٺ ڪ??رو??ار نه رڳو صنف نازڪ لاءِ ڪمائڻ جا موقعا پيدا ڪ??ي رهيا آهن پر انهن ڏکين حالتن ۾ اقتصادي استحڪام ۽ اميد جي اهم ستون طور تي پڻ ڪم ڪري رهيا آهن يو اين ڊي پي جي ايشيا ۽ پيسيفڪ جي علائقائي ڊائريڪٽر ڪاني وگناراجا جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ گذريل 3 سالن دوران جمع ڪيل انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ ڪ??رو??اري عورتون انتهائي سنگين حالتن ۾ ناقابل يقين حوصلي ۽ دليري سان عورتن لاءِ نوڪرين جا وسيلا پيدا ڪ??ڻ جو سبب بڻيون. جاچ مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته افغانستان جي عورتن کي ڪ??رو??ار ڪندي ڪيترن ئي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.
افغان عورتون واپاري ڏکيائين باوجود مستحڪم، ٻين کي روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهيون آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha