غزه -27 مارچ (اي پي پي) اردن ۽ گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) جي فضائيه طرفان اتر غزه جي متاثرن لاءِ گڏيل امدادي ايئر ڊراپ آپريشن ڪيو ويو. رپورٽن مطابق گڏيل امدادي آپريشن اردن ۽ ي?? اي اي ??چ ۾ غزه ۾ فلسطين?? عوام کي امداد پهچائڻ لاءِ سهڪار جي حيثيت ۾ ڪيو ويو. ايئر ڊراپ آپريشن جو مقصد اتر غزه ۽ ان جي علائقن ۾ امداد پهچائڻ آهي جتي زميني رسائي مشڪل آ??ي. ??ڏيل آپريشن ۾ غزه ۾ 22 ٽن امدادي سامان ڊراپ ڪيو ويو، امدادي آپريشن کي الفارس الشهم ٿري جو نالو ڏنو ويو. واضح رهي ته گڏيل عرب امارتن طرفان ان کان اڳ جهازن، سامونڊي جهازن ۽ ٽرڪن ذريعي پڻ امدادي سامان غزه جي متاثرن لاءِ موڪليو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس