ڪراچي – 19 جنوري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي لاجسٽڪس ڪمانڊ جي ايوارڊ ورهائڻ جي سالياني تقريب جمعي ڏينهن پاڪستان نيوي ڊاڪيارڊ ۾ منعقد ٿي، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل ظف?? محمود عباسي ان موقعي تي خاص مهمان هو. ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب هر سال منعقد ڪئي ويندي آهي جنهن جو مقصد لاجسٽڪس ڪمانڊ تحت ڪم ڪندڙ يونٽس جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ ۽ مختلف منصوبن جي ڪامياب ت??ميل ۾ انهن جي ڪوششن کي ساراهڻ آهي. پاڪ بحريه مان جاري ڪيل بيان موجب تقريب کي خطاب ڪندي چيف آف دي نيول اسٽاف پاڪ بحريه جي لاجسٽڪس ڪمانڊ کي پن??نجا پيشيوراڻي معاملن کي انتهائي خوش اسلوبي سان انجام ڏيڻ تي ساراهيو، هن چيو ته لاجسٽڪس ڪمانڊ جي ان بي لوث محنت ۽ لگن جو اندازو سال 2017ع جي دوران پاڪ بحريه جي جهازن ۽ آبدوزن جي هڪ ئي وقت دستيابي ۽ ڪيترن ئي ملڪي ۽ غير ملڪي بحري مشقن ۾ بروقت شموليت سان چڱي ريت لڳائي سگهجي ٿو، ايڊمرل ظف?? محمود عباسي چيو ته پاڪ بحريه پن??نجي حربي صلاحيت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ پاڪ بحريه پن??نج?? افرادي قوت کي به بهترين پيشيوراڻي تربيت فراهم ڪرڻ ۽ کين جديد ٽيڪنالاجي سان روشناس ڪرائڻ جي ضرورت کان به آگاهه آهي.
پاڪ بحريه سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي جو لاجسٽڪس ڪمانڊ جي ايوارڊ ورهائڻ جي سالياني تقريب کي خطاب
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز