اسلام آباد – 16 جنوري (اي ??ي ??ي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي غريب ۽ مستحق ماڻهن کي غربت مان هميشه لاءِ ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ بينظير انڪم س??ورٽ پروگرام جي گريجوئيشن پلان جي لاءِ بهترين ??المي طريقن ۽ ماضي جي تجربن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، هن اها ڳالهه بينظير انڪم س??ورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) مان فائدو ح??صل ڪندڙن جي لاءِ گريجوئيشن پلان جي باري ۾ بريفنگ جي صدارت ڪندي چئي. بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ، بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري عمر حميد ??ان ۽ ٻيا سينئر آفيسر به اجلاس ۾ موجود هئا. وزيراعظم کي گريجوئيشن جي حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو جيڪو بينظير انڪم س??ورٽ پروگرام مان فائدو ح??صل ڪندڙن کي انهن جي گهريلو آمدني ۾ اضافي، هنرمند بڻائڻ جي تربيت ۽ انساني وسيلن جي ترقي سان گڏوگڏ ڀلائي کي فروغ ڏئي کين ??ربت جي چنبي مان هميشه لاءِ ڪڍڻ لاءِ جوڙي پئي وڃي.
وزيراعظم جي گريجوئيشن پلان بابت بريفنگ جي موقعي تي هدايت
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی