اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب کي ??ارن سان زيادتي جي خلاف قائم ڪيل قومي اسيمبلي جي خصوصي ڪميٽي جي چيئرپرسن چونڊيو ويو آهي. خصوصي ڪميٽي ٻارن سان زيادتي جي واقعن جي روڪ??ام جي لاءِ موجوده قانونن ۽ پراسيڪيوشن جي طريقيڪار جو جائزو وٺندي، قانونن ۾ بهتري ۽ عملدرآمد جي حوالي سان سمورين ڌرين، صوبائي ح??وم??ن ۽ سول سوسائٽي جي نماندن سان مشاورت ٿيندي، قانون ۽ انصاف، انساني حقن ۽ تعليم واريون وزارتون ڪميٽي کي ??نهنجون تجويزون پيش ڪنديون، ٻارن سان زيادتي ۽ تشدد جي واقعن جي تدارڪ لاءِ خطي جي ٻين ??لڪن جي تجربن، قانونن مان رهنمائي ورتي ويندي ۽ صوبن ۾ لاڳو قانونن جو جائزو ورتو ويندو. ٻارن سان زيادتي جي خلاف قائم ڪيل قومي اسيمبلي جي خصوصي ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين جي چونڊ لاءِ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو.
مريم اورنگزيب قومي اسيمبلي جي خصوصي ڪميٽي جي چيئرپرسن چونڊجي وئي
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ