اسلام آبا?? – 07 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات واري وزارت پي ٽي وي، ريڊيو، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس (پي اين سي اي) لوڪ ??رث?? جي پروگرامن بابت 70 سالا جشن آزادي جي تقريبن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته اطلاعات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب اطلاعات واري وزارت ۽ لاڳاپيل ذيلي ادارن جي عملدار?? تي ٻڌل نگران ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها ڪميٽي آزادي جي 70 سالن جي جشن جي سلسلي ۾ تخليقي پروگرامن ۽ ايونٽس ترتيب ڏيڻ جي عمل جي نگراني ڪندي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته هن سال جشن آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ قومي جوش ۽ جذبي سان مله??يو ويندو.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت