اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ پاناما پيپرز، آف شور ڪمپنين ۽ بئنڪن کان معاف ڪرايل قرضن جي ڇنڊڇاڻ جي حوالي سان نظام جوڙڻ جي لاءِ 12 رڪني ??ارلياماني ڪميٽي تي اتفاق ٿي ويو آهي، ڪميٽي حڪومت ??ي 6 ۽ مخالف ڌر ??ي 6 ميمبرن تي ٻڌل هون??ي جيڪا پنهنجي قائم ٿيڻ کانپوءِ ٻن هفتن ۾ پارليامينٽ ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. پارليامينٽ هائوس ۾ اسپيڪر جي صدارت ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن جي گڏيل اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته 16 مئي تي وزيراعظم نواز شريف قومي اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق کي تجويز ڏني ??ئي ته هو ايوان ۾ موجود حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي سمورين پارلياماني ??ارٽين جي مشاورت سان هڪ اهڙي ڪميٽي جوڙي.
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ