گڏيل قومون – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ??تا?? ڪيوبا خلاف 32 سالن کان لاڳو آمريڪي اقتصادي پابندين جي خاتمي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪ??تا?? جي مستقل نائب نمائندي عثمان جدون گڏيل قومن جي 193 رڪني جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ۾ ڪيوبا ۾ بنيادي شين جي کوٽ، بدترين م??اش?? بحران تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ طرفيون اقتصادي پابنديون لاڳو ڪرڻ غير نتيجي جوڳي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي مقصدن ۽ اصولن سان هڪ جهڙائي نٿيون رکن. ان موقعي تي جنرل اسيمبلي ڪيوبا تي آمريڪي پابندين جي خاتمي جي مطالبي تي ٻڌل ٺهراءُ وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو. جنرل اسيمبلي ۾ ٿيل ووٽنگ ۾ ٺهراءُ جي حق ۾ 187 ووٽ وڌا ويا جڏهن ته رڳو ٻن ملڪن آمريڪا ۽ اسرائيل ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي ۽ هڪ ملڪ ووٽن?? ۾ ??صو نه ورتو. ان موقعي تي پاڪ??تا??ي نمائندي عثمان جدون چيو ته پاڪ??تا?? ڪيوبا جي پنهنجن وسيلن خاص طور تي خوراڪ ۽ دوائن جي حق کي تسليم ڪري ٿو. پاڪ??تا??ي نمائندي واضح ڪيو ته ڪيوبا تي آمريڪي پابندين جهڙا قدم پائيدار ترقي بابت 2030ع جي ايجنڊا ۾ شامل اسان جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نقصانڪار آهن ۽ اسان سمجهون ٿا ته پابندي جو خاتمو ڪيوبا جي ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ڏانهن هڪ اهم قدم ه??ندو.
پاڪستان طرفان ڪيوبا خلاف آمريڪي پابنديون ختم ڪرڻ جي مطالبي جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس