پيانگ يانگ-31 آڪٽوبر(اي پي پي) اتر ??ور??ا نومبر ۾ بين البراعظم بيليسٽڪ ميزائل (آئي سي بي ايم ) لانچ ??رڻ جون تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ??ور??ا جي دفاعي اطلاعات ايجنسي (ڊي آئي اي ) جي آفيسرن قومي اسمبلي ۾ پارلياماني ميمبرن کي بريفنگ ڏني. بريفنگ کانپوءِ ڏکڻ ??ور??ا جي ميمبرن ميڊيا کي ٻڌايو ته اتر ??ور??ا نومبر ۾ ميزائل تجربو ڪري سگهي ٿو. 5 نومبر تي آمريڪي چون??ن کان اڳ يا بعد ۾ پنگي – آري سائيٽ مان آئي سي بي ايم ڇڏي سگهي ٿي. پارلياماني ميمبر ٻڌايو ته تياريون مڪمل آهن ۽ موبائل لانچر مخصوص علائقي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. پيانگ يانگ حڪومت پاران ان لانچ جو مقصد اهو آهي ته جيئن هُو ميزائل جي تجربن سان ٻيهر پنهنجي ٽيڪنالاجي جي آزمائش ڪري سگهي. جاپاني خابرو ايجنسي ٻڌايو ته نئين آزمائش جو وقت اتر ??ور??ا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان پاران طئي ڪيو ويندو، 5500 ڪلوميٽرن کان مٿي مار ڪندڙ بيليسٽڪ ميزائلن جي بين البراعظمي طور درجه بند?? ڪئي ويندي آهي ۽ انهن کي پهرين حصي ۾ ايٽمي تجر??ن لاءِ ڊزائن ڪيو ويو آهي. پيانگ يانگ هاڻي تائين پنگي آرسائيٽ مان 2006ع ، 2009ع ، 2013ع ، 2017ع ۾ هڪ ۽ 2016ع ۾ ٻه ايٽمي تجربا ڪيا.
اتر ڪوريا پاران بين البراعظم بيليسٽڪ ميزائل جي تجربي جون تياريون مڪمل
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت