رياض – 30 جنوري(اي پي پي) سعودي پرڏيهي وزارت مطالبو ڪيو آهي ته فلسطيني پناهگيرن لاءِ انساني بنيادن تي ڪم ڪندڙ اداري يو اين آر ڊبيلو اي تي لڳايل اسرائيل الزامن جي جاچ ڪئي وڃي ۽ حقيقت جي بنياد تي ثبوت سامهون آندا وڃن. العبيه اردو مطابق مملڪت طرفان اهو مطالبو ان ??قت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس اداري يو اين آر ڊبليو اي جي اضافي فنڊنگ روڪي آهي. بعد ۾ آمريڪا ۽ پيروي ۾ برطانيه، اٽلي، سوئٽز رلينڊ، ??ينيڊا، آسٽريليا، نيوزي لينڊ ۽ جاپان به ان ??اءِ فنڊز روڪي ڇڏيا. آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ملڪن طرفان اهو قدم ان جي باوجود سامهون آيو ته اسرائيلي جي الزام جي جاچ اڃا شروع نه ٿي هئي، جڏهن ته يو اين آر ڊبليو اي جي سربراه 9 يو اين آر ڊبليو اي ??ارڪنن کي ملازمت مان برطرف به ڪري ڇڏيو ۽ 2 جي ڳولا ۽ سڃاڻپ جو عمل هاڻي تائين جاري آهي.
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل