جده -28 فيبروري (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحھ زور ڀريو آهي ته نام نهاد اسرائيلي رياست کي بي لغام ڇڏڻ س??ن ان کي فلسطينين خلاف ڏوهن تي قائم ??هڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي. هن جو چوڻ آهي ته اسرائيلي رياست جي ڏوهن تي خاموشيءَ فلسطينين تي ظلم ۾ اضافو ڪيو آهي. اسرائيلين جا فلسطينين خلاف قدم انسانيت خلاف ڏوهن ۾ شامل آهن . هن تازو ئي فلسطين جي شهر نابلوس ۾ اسرائيلي فوج هٿان بيگناهه فلسطينين جي قتل عام جي شديد مذمت ڪئي. ۽ ان واقعي جي عالمي سطح تي آزاد جاچ جو مطالبو به ڪيو. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسرائيلي رياست جي انسانيت خلاف ڏوهن تي ان کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته عالمي قانون واضح ۽ ناقابل تقسيم آهي. اسرائيل پنهنجي ڏوهن ۽ خلاف ورزين هٺ ڌرمي سان قائم آهي، هو عالمي برادري جي اکين سامهون فلسطيني سرزمين ۾ پنهنجي آبادڪاري جار?? رکندو پيو اچي.
فلسطينين خلاف اسرائيلي ڪارروائيون انسانيت خلاف ڏوهه آهن: او آءِ سي
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر