بيجنگ – 26 – جولائي (اي پي پي) چين جي گانسو اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنس (جي اي اي ايس) جي ڪراپ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي محقق پروفيسر زائو وئي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ا??سي جي فص?? جي في هي??ٽر سراسري پيداوار 692 ڪلوگرام آهي جيڪا تمام گهڻي گهٽ آهي، ان ڪري پاڪستان جي آبهوا ۽ مٽيءَ جي حالتن لاءِ موزون ٻجن جي قسمن کي ??لد کان جلد پوکڻ وڏي اهميت رکي ٿو، جڏهن ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سوائل سائنس ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر اي ڊبليو گانداهيءَ چيو آهي ته زرعي ٽيڪنالاجي جي ذريعي السي جي فص?? جي آبادگارن کي ??ااختيار بڻائڻ اسان جي رڳو هڪ شروعات آهي، اسان جي تعاون وارو منصوبو روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، واپار کي وڌائڻ ۽ السي جي فص?? جي ويليو چين جي مجموعي ڪارڪردگي کي ??هتر بڻائي ٻنهي طرفن جي معاشي ترقي ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. چين جي گانسو اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنس (GAAS) جي ڪراپ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ ا??سي جي فصل بابت منعقد ٿيل هڪ سيمينار ۾ خطاب ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي پروفيسر ڊاڪٽر گانداهيءَ چيو ته پاڪستان تي?? جي پيداوار وڌائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي. نيشنل آئل سيڊ بابت پهرين جامع پاليسي تجويز ڪئي وئي آهي ته جيئن کاڄرو تي?? جي پيداوار کي وڌايو وڃي ۽ درآمدات تي ڀاڙڻ کي گهٽايو وڃي ۽ ان سان گڏ تي?? جي ٻج پوکيندڙن جي منافعي کي ??هتر بڻايو وڃي، هن وقت تائين سنڌ ۽ پنجاب پاڪستان ۾ ا??سيءَ جو فصل پوکيندڙ وڏا صوبا آهن، جن جي ايراضي 53 ۽ 47 سيڪڙو آهي، تنهن هوندي به گذريل پندرهن سالن کان السيءَ جي فصل هيٺ ايراضي (9000-9500 هي??ٽر) تائين محدود رهي آهي، پروفيسر گانداهيءَ چيو ته اهڙي اهم نقدي فص?? جي ايراضي ۽ پيداوار کي وڌائڻ جي تمام گهڻ ضرورت آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ ا??سي پوکيندڙ آبادگارن کي ڪيتريُون ئي رڪاوٽُون درپيش آهن جنهن ۾ فص?? جي گهٽ قيمت، آبپاشي جي پاڻي جي کوٽ، معياري ٻج جي کوٽ ۽ سڀ کان وڏي رڪاوٽ موسميات?? تبديلي آهي، پروفيسر گانداهيءَ چيو ته مجموعي طور تي انهن چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت، تحقيقي ادارن ۽ خانگي شعبي جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي ته جيئن آبادگارن کي فني مدد، ٻج جا بهتر قسم ۽ تربيت فراهم ڪري سگهجي، هِن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ زرعي تعاون کي ڪڏهن به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، هِن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته جيئن ته چين سڀ کان وڌيڪ زرعي شيُون پيدا ڪندڙ ۽ پوک لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مهيا ڪندڙ ملڪ آهي، اُن لاءِ چين جديد ٽيڪنالاجي سان ڀرپُور پائيدار ٻج، آبپاشي ۽ مشينري وسيلي پاڪستاني هارين کي ??ديد ٽيڪنالاجي سان سهڪار ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته دنيا جو سڀ کان وڏو صارف هجڻ جي ڪري، چين وڌيڪ موقعا ونڊي سگهي ٿو، جنهن جي ذريعي پاڪستاني آبادگار پنهنجي برآمدات کي وڌائي سگهن ٿا، ان سان آمدني بهتر ٿي سگهي ٿي ۽ پاڪستان ۾ ويليو چين جي واڌ ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن ٿا. هِن چيو ته سڀني ڳالهين کان هٽي ڪري سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ گانسو اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز جي وچ ۾ تعاون پاڪستاني ۽ چيني آبادگارن، محققن ۽ ماهرن جي وچ ۾ ڄاڻ ۽ صلاحيتن جي مٽاسٽا کي ??سان بڻائي سگهي ٿو. گڏيل تحقيق ۽ ترقي جي ذريعي ٻنهي ملڪن ۾ ا??سي جي فص?? جي آبادگارن کي ??رپيش چيلينجز کي ??هستي آهستي حل ڪري سگهبو، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن تي چين- پاڪستان فلڪس ريسرچ اينڊ انوويشن مرڪز جي افتتاحي تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي. جڏهن ته اهو به معلوم ٿئي ٿو ته GAAS جي السي جي نئين قسم لونگيا سيريز کي ??تر اولهه چين ۾ ٿوري برسات جي ڪري خشڪ موسم جي حالتن مُوجب چونڊيو ويو آهي، جنهن جي پوک جي تجربن مان ثابت ٿيو آهي ته ان قسم جي پيداوار مقامي قسمن جي ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو وڌيڪ آهي ۽ بيمارين ۽ جيتن سان مزاحمت جي سگهه به بهتر آهي.
پاڪستان ۾ السي جي فصل جي في هيڪٽر سراسري پيداوار تمام گهٽ آهي، تعاون وارو منصوبو روزگار جا موقعا پيدا ڪندو: پروفيسر زائو وئي/ڊاڪٽر گانداهيءَ
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات