گڏيل قومون-08 مئي (اي پ?? پي ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش اسرائيل کي چيو آهي ته غزه لاءِ امدادي سامان جي فراهمي ممڪن بڻائيندي رفح جي راهداري کي کولي ڇڏي ۽ رفح تائين جنگ کي روڪي. العربيه موجب سيڪريٽري جنرل هڪ نيوز ڪانفرنس دوران اهو مطالبو رفح ۾ اسرائيلي ??وجي ٽينڪن جي داخل ٿيڻ ۽ رفع راهداري کي بند ڪرڻ کان پوءِ ڪيو آهي. سيڪرٽري جنرل خبردار ڪيو ته اسرائيل پاران جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو غلطي طرف آهي ان جي ڪري تمام پريشان آهيان ان جي ڪري اسرائيلي ??وج جو رفح ۾ حملن جي تجديد ڪرڻ آهي هن مطالبو ڪيو ته اسرائيل فوري طور تي رفح ۽ ڪرم شالوم جي راهدارين کي کولي ڇو ته غزه ۾ پهرين ئي بک سبب صورتحال تباهه ڪن آهي ان ڪري ٻنهي راهدارين کولڻ ضروري آهي هن وڌيڪ چيو ته مان اسرائيلي حڪومت تي زور ڏئي چوان ٿو ته ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ ۾ ڦهلاءَ رڪجي وڃي فلسطين ۾ تمام گهڻا شهري شهيد ٿي ??ڪا آهن تمام گهڻي تباهي ٿي ??ڪي آهي اسرائيل وڌيڪ غلطي نه ڪري هن خبردار ڪيو ته رفح تي مڪمل حملو هڪ وڏي انساني تباهي جو سبب بڻجندو .
اسرائيل غزه لاءِ امدادي سامان جي فراهمي ممڪن بڻائيندي رفح جي راهداري کي کولي ڇڏي، رفح تائين جنگ کي روڪي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو