گڏيل قومون – 08 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطه ??اري آفيس (يو اين او سي ايچ اي) چيو ته غز?? جي 2.3 ملين آبادي مان 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو اندروني طور تي بي گه?? ٿي چڪا آهن جن مان اڪثر اتر طرف کان نڪر?? جو حڪم ملڻ کانپوءِ غز?? جي پٽي جي ڏکڻ طرف رخ ڪيو آهي. العربيه موجب يو اين او سي ايڇ اي چيو ته غز?? جي گتيل آبادي ڏکڻ ۾ خان يونس ۾ پناهه وٺندڙ ماڻهو ان نامڪمل فيصلي کي منهن ڏئي رهيا آهن ته ڇا ٻيهر نڪرنداسين يا موت کي گلي لڳائي يا زخمي ٿي?? جو خطرو کڻي وٺون ڇاڪاڻ ته شهر شديد اسرائيلي بمباري جي زد ۾ اچي چڪو آهي. يو اين او سي ايڇ اي چيو ته غز?? جي پٽي ۾ تقريبن 1.9 ملين ماڻهن جي اندروني طور تي بي گه?? ٿي?? جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي جڏهن ته لکين ماڻهو اسرائيل جي بي رحماڻي بمباري دوران ڏکڻ جي پُرهجوم علائقي ۾ پناهه حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.
اسرائيلي بمباري سبب فلسطين جا 80 سيڪڙو ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن: يو اين او سي ايچ اي
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا