نيويارڪ-09 آڪٽوبر (اي پي پي) سلامتي ڪائونسل اسرائيل خلاف ڪارروائيءَ تي ح??اس جي ??ذمت جو آمريڪي مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل بند ڪمري واري اجلاس ۾ آمريڪا سمورن 15 ميمبرن کان مطالبو ڪيو ته هو ح??اس طرفان اسرائيل خلاف دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪري پر ڪائونسل جي ??يمبرن آمريڪي مطالبي تي ڪا فوري ڪارروائي نه ڪئي. آمريڪي نائب سفير رابرٽ ووڊ بعد ۾ صحافين کي ٻُڌايو ته ڪجهه ملڪ ح??اس جي حملي جي ??ذمت تي آماده هئا پر ڪائونسل جي سمورن ميمبرن ان سان اتفاق نه ڪيو. گڏيل قومن ۾ روس جي سفير ويسلي نيبنزيا چيو ته اسان شهرين تي ٿيل سمورن حملن جي ??ذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته روس جو پيغام آهي ته هي ضروري آهي ته جهيڙي کي فوري طور روڪيو وڃي، جنگبندي ڪئي وڃي ۽ ڪيترن ئي ڏ??اڪن کان رڪاوٽ جو شڪار ڳالهيون ٻيهر شروع ڪيون وڃن. ان کان اڳ چيني سفير زانگ جون پڻ چيو ته سندس ملڪ شهرين تي ٿيل حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو پر هن به ح??اس جو ذڪر نه ڪيو. چيني سفير چيو ته اهم ڳالهه هي آهي ته صورتحال کي وڌيڪ ڇِڪتاڻ کان روڪيو وڃي ۽ شهرين جون وڌيڪ فوتگيون نه ٿين ۽ هي اهم آهي ته ڌُرين کي ٻه رياستي حل طرف واپس آڻڻو آهي.
سلامتي ڪائونسل اسرائيل خلاف ڪارروائيءَ تي حماس جي مذمت جو آمريڪي مطالبو رد ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ