برسلز-29 آڪٽوبر (اي پي پي) يورپ?? يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت نمائندي جوزف بوريل چيو آ??ي ته وچ اوڀر ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان پنهنجي انسانيت وڃائي وي??ا آهيون. عرب نيوز موجب هن چيو ته اسان هڪ وڏي باهه جي ڪناري تي زندگي گذاري رهيا آهيون، جيستائين غزه ۽ لبنان ۾ جنگ جاري رهندي اسان هڪ چڻنگ جي ڪناري تي ئي رهنداسين، جيڪا هڪ وڏي باهه جو سبب بڻجندي. هن چيو ته جيئن ته گڏيل ??ومن پاران نشاندهي ڪئي وئي آ??ي ته ٻئي عالمي جنگ کانپوءِ شديد ۽ سنگين ترين انساني بحران غزه ۾ آيو آهي. وچ اوڀر ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان مان ظاهر ٿي رهيو آ??ي ته اسان انسانيت وڃائي وي??ا آهيون. يورپ?? يونين جي نمائندي نوٽ ڪيو ته هر ڪنهن کي اهو خدشو آ??ي ته اسرائيل ايران جي ايٽمي يا تيل ??ڪاڻن تي حملو ڪندو. هن وچ اوڀر ۾ ويڙهه کي روڪڻ لاءِ مجبوري قدم لاڳو ڪرڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته يورپ?? يونين جو هر ملڪ اسرائيل کي هٿيارن جو وڪرو روڪڻ بابت پنهنجو فيصلو پاڻ ڪندو. اهو ڪو گڏيل ??يصلو نه هوندو. هر ملڪ ڪنهن شيءِ جي مناسب هجڻ جو فيصلو ڪندوآهي ۽ مان ان کي ڪو به ڪم ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهان ۽ نه ڪجهه ڪرڻ جي سفارش ڪري سگهان ٿو. اسپين، اٽلي يا فرانس هٿيارن جو وڪرو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پر ٻين ملڪن جرمني جي مثال وانگر عسڪري امداد کي تقويت ڏئي رهيا آهن، مطلب اتي ڪو به گڏيل ??ائحه عمل ناهي.
غزه ۽ لبنان ۾ جاري جنگ هڪ وڏي باهه جو سبب بڻجندي: يورپي يونين
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن