گڏيل قومون-09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاڪستان جي شھر ??را??ي ۾ دھشتگرد حملي ج?? مذمت ڪئي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائون??ل ھڪ پريس بيان جاري ڪيو آهي ج??ھن ۾ پاڪستان جي شھر ??را??ي ۾ چيني انجنيئرن تي ٿيل دھشتگرد حملي ج?? شديد مذمت ڪئي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ ٻه چيني ۽ ٻيا پاڪستاني شھري فوت ٿي ويا هئا ۽ حملي ۾ چيني ۽ پاڪستاني شھري زخمي پڻ ٿيا هئا. بيان ۾ چيو ويو ھو ته سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ??را??ي ۾ بزدلاڻي دھشتگرد حملي ج?? سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي.سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالھه جو ورجاءُ ڪيو ته دھشتگردي ڪنهن به شڪل ۾ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آھي. ھن دھشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث ماڻھن، منتظمين، مالي مدد- ڪندڙن ۽ سھولت ڪارن جو احتساب ڪرڻ ۽ کين انصاف جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ تي زور ڀريو. هنن سمورين رياستن تي زور ڀريو ته اهي عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺھرائن تحت پنھنجي ذميوارين مطابق ان سلسلي ۾ چين ۽ پاڪستان جي حڪومتن سان گڏو گڏ ٻين سمورن لاڳاپيل اختيارين سان سھڪار ڪن. بيان ۾ چيو ويو آھي ته سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالھه جو ورجاءُ ڪيو ته دھشتگردي ج?? ڪارروائي هر صورت ۾ ڪابل قبول ناهي.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران پاڪستان جي شھر ڪراچي ۾ دھشتگرد حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha