منيٰ -18 جون (اي پي پي) حاجين حج جا رڪن ادا ڪندي پنهنجي اُڃ ختم ڪرڻ لاءِ آب زم زم پيئندا ۽ الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندا رهيا. مسجد ال??را?? اندر فراهم ٿيندڙ اهي خدمتون گذريل 45 سالن کان جاري آهن. آب زم زم ڏيڻ جي نظام جي انتظاميه زم زم جي کوهن نگراني ڪئي، کوهن مان ڪنٽينرز ۾ ٿڌو ۽ باقاعده پاڻي فراهم ڪيو ۽ پاڻي جي ٿانون جي ??ار سنڀال ۽ صفائي جو به خيال رکيو. انتظاميه پاڻي جي معيار ۽ ان جي صفائي کي به يق??ني بڻاويل ۽ حاجي سڳورن کي ٿڌو پاڻي پيئڻ لاءِ فراهم ڪيو. زم زم جي پاڻي جي پاڪيزگي کي برقرار رکڻ لاءِ ان کي گدلاڻ کان پاڪ رکڻ لاءِ مسجد ال??را?? ۽ مسجد نبوي جي معاملن جي ??ار سنڀال ڪندڙ جنرل اٿارٽي پاڻي جو تجزيو ڪرڻ ۽ جراثيمن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ هڪ ليباريٽري به قائم ڪئي آهي. جراثيم ختم ڪندڙ عمل ۾ ڪيميڪلز شامل ڪرڻ کان سواءِ الٽرا وائلٽ شعاعن جو استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن مان بيڪٽيريا ۽ وائرس جي خاتمي لاءِ 99.77 سيڪڙو خاتمي جي شرح حاصل ڪئي ويندي آهي. هڪ ڪلوواٽ بجلي 12000 گيلن پاڻي کي جراثيمن کان پاڪ ڪندي آهي، جڏهن ته زم زم جي پاڻي جو رنگ، ذائقو يا خوشبو تبديل نه ٿيڻ کي يق??ني بڻائڻ لاءِ جراثيم جي خاتمي جو طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي.
آب زم زم حج جي رڪنن جي ادائگي دوران حاجين جي اڃ اُجهائي
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada