ڪاراڪاس -17 اپريل (اي پي پي)وينزويلا ايڪواڊور ۾ پنهنجو سفارتخانو ۽ قونصل خانو بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو 5 اپريل ??ي ايڪواڊور جي پوليس طرفان ڪويٽو ۾ ميڪسيڪو جي سفارتخاني تي ڇاپي جي جواب ۾ ايڪواڊور ۾ ملڪ جو سفارتخانو ۽ قونصل خانو بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وينزويلا جي صدر چيو ته ان فيصلي جو محرڪ ايڪواڊور جو صدر ڊينيئل نوبوا جا تازا بيان آهن جنهن جو چوڻ هو ته هو ايڪواڊور جي اڳوڻي نائب صدر جارج گلاس جي گرفتاري ??اءِ ميڪسيڪو جي سفارتخاني تي ڇاپي ??ي افسوس نه ڪندو، جنهن کي ميڪسيڪو سياسي پناهه ڏني هئي. هن چيو ته وينزويلا جي سفار??ي اهلڪار ايڪواڊور واپس نه ويندو جي??تا??ين سندس ملڪ ۾ عالمي قانون واضح طور بحال نه ٿيندو. هن چيو ته وينزويلا ايڪواڊور جو گڏيل قومن مان ڪڍڻ لاءِ ميڪسيڪو جي تجويز جي مڪمل حمايت ڪري ??و جي??تا??ين هو عالمي برادري کان معافي نه گهرندو ۽ صورتحال کي سندس اصل قانوني حيثيت تي بحال نه ڪندو.
وينزويلا طرفان ايڪواڊور ۾ پنهنجو سفارتخانو ۽ قونصل خانو بند ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria