طرابلس – 11 مارچ (اي پي پي) ليبيا لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي خاص نمائندي عبدولي باٿيلي ملڪ جي سياس?? بحران تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چون??ون منعقد ڪرڻ لاءِ گڏيل حڪومت جوڙڻ تي زور ڏنو. هن ليبيا جي وزيراعظم عبدالحميد دبيبه سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران هن ليبيا جي سياسي، سيڪيورٽي ۽ اقتصادي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ گڏيل حل ذريعي سياسي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن سماجي ويب سائٽ ايڪس تي جاري ٽوئٽ ۾ چيو ته مون موجوده سياس?? بحران ۽ ان جي عام ليبيائي شهرين جي سلامتي ۽ معاشي صورتحال تي اثرن جي حوالي سان پنهن??ي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سمورن ليبيائي اڳواڻن کي چيلنج جو مقابلو ڪرڻ ۽ ملڪ کي چونڊن ڏانهن کڻي وڃڻ لاءِ هڪ گڏيل حڪومت تي متفق ٿيڻ جي اپيل ڪئي آه??. ل??بيا جي پارٽين وچ ۾ چونڊ قانونن تي اختلاف سبب ليبيا ڊسمبر 2021 ۾ شيڊول مطابق عام چون??ون ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو.
گڏيل قومن جو ليبيا ۾ موجوده سياسي بحران تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو