واشنگٽن- 16 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي پر??يهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته اسان لڳاتار اهو چوندا پيا اچون ته پاڪس??ان ۾ حڪومت جي تبديلي ۾ آمريڪا جي ڪردار جي حوالي سان الزامن ۾ ڪا به سچائي ناهي. آمريڪي پر??يهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس روزاني جي بنياد تي ٿيل پريس بريفنگ دوران اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ??ي سازش ۾ بائيڊن انتظاميه جي مداخلت تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته آمريڪا پاڪس??ان سان پراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، نيڊ پرائس عمران خان جي آمريڪا تي الزامن ??ان يوٽرين جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اهو ان بليم گيم جي حوالي سان تبصرو نه ڪندو، هن چيو ته جڏهن اهي الزام سامهون آيا ته اسان تڏهن کان لڳاتار چوندا پيا اچون ته ان ۾ ڪا به سچائي نه آهي، هن چيو ته اسان پاڪس??ان سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن ۽ سهڪار جو قدر ڪريون ٿا. اسان سدائين پاڪس??ان کي هڪ خوشحال ۽ جمهوري ملڪ طور ڏسڻ جا خواهشمند آهيون جيڪو اسان جي مفادن لاءِ گ??ڻو آهي ۽ ان موقف ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي. هن چيو ته الزامن جي اها راند ختم ٿئي يا نه ٿئي اسان ٻطرفن لاڳاپن ۾ پروپيگنڊا يا غلط معلومات کي رڪاوٽ نه بڻجڻ ڏينداسين ۽ پاڪس??ان سان لاڳاپا اسان جي لاءِ قابل قدر آهن. پاڪس??ان ۾ جيستائين سياسي پارٽين ۽ سياسي اڳواڻن جو تعلق آهي اسان جي ڪنهن هڪ سياسي پارٽي يا اڳواڻ طرفان ڪنهن ٻي سياسي پارٽي يا اڳواڻ جي حمايت جي حوالي سان ڪو موقف ناهي، اسان سڄي دنيا ۾ جمهوري، آئيني ۽ قانوني اصولن تي عملدرآمد جي حمايت ڪريون ٿا. آمريڪي ترجمان چيو ته اسان جي وچ ۾ سيڪيورٽي جي معاملن تي سهڪار موجود آهي جيڪو ٻنهي لاءِ گ??ڻو اهم آهي ڇاڪاڻ ته پاڪس??ان کي درپيش خطرا آمريڪا لاءِ خطرو بڻ??ي سگهن ٿا، اسان ان ڪم جو قدر ڪريون ٿا جيڪو اسان گڏجي ڪندا آهيون ۽ ان معاملي تي ان کان وڌيڪ ڳالهه نٿو ڪري سگهان.
پاڪستان سان پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، پروپيگنڊا کي لاڳاپن ۾ رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏينداسين: آمريڪي پرڏيهي کاتي جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔