اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان هر مشڪل جي گهڙيءَ ۾ سدائين سعودي عرب سان گڏ بيٺل هوندو ۽ ڪنهن به ٻئي ملڪ کي ان تي حملو ڪرڻ نه ڏيندو. سعودي گزٽ کي پنهنجي هڪ انٽرويو دوران حوثي باغين جا حملا جيڪي مسلسل سعودي عرب تي ميزائيل فائر ڪن ٿا ۽ ايستائين جو حرم کي پڻ نشانو بڻائڻ جي ڪو??ش ڪن ٿا، ان بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اهو ا??ان جي سمورين حڪومتن جو واضح موقف رهيو آهي ته اسان ڪنهن کي به سعودي عرب تي حملي جي اجازت نه ڏينداسين پر اسان سدائين سعودي عرب سان گڏ بيٺل هونداسين.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام