اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پ?? پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان کي انهن عملن تي گهري نظر رکڻي پ??ندي جيڪي ڪڌن مقصدن ۽ بدنيتي سبب ڇڪتاڻ کي هوا ڏئي رهيا آهن ۽ نازڪ معاملن ۾ ڏکيائيون پيدا ڪري غلط فهميون وڌائڻ چاهين ٿا. پاڪ چين فرينڊشپ سينٽر ۾ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن پاران افغان شا??ردن جي لاءِ ٽي هزار اسڪالرشپسس ڏيڻ بابت تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر چيو ت?? پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ لاڳاپن جو بنياد رڳو جاگرافيائي ويجهڙائپ نه آهي پر ٻئي قومون رت، ثقافت، تاريخ ۽ عقيدي جي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، اهو ئي تعلق هو جنهن سبب اسان جي ابن ڏاڏن جي وچ ۾ سدائين ويجها ۽ پرجوش لاڳاپا رهيا.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج