هنوئي-21 جون (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته آمريڪا ۽ سندس اتحادي ??لڪ جنگ جي ميدان ۾ روس کي اسٽريٽجڪ شڪست ??يڻ چاهين ٿا پر ائين ممڪن ناهي، جيڪڏهن اسان جي ملڪ جو وجود خطري ۾ پئجي ويو ته اسان سمورن دستياب ذريعن کي استعمال ڪندي ??نهنجو دفاع ڪرڻ تي مج??ور ٿينداسين. هن پنهنجي ويٽنام جي دوري دوران پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اولهه کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته روس کي شڪست ??يڻ ان جي عوام جي اتحاد سبب ناممڪن آهي. هن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته يوڪرين جنگ سبب اولهندي ??لڪن سان روس جي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هن چيو ته اولهه وارا ملڪ ظاهري طور اميد ڪن ٿا ته اسان ڪنهن به وقت خوفزده ٿي وينداسين، گڏ ئي اهو به چون ٿا ته اهي ميدان جنگ ۾ روس کي اسٽريٽجڪ شڪست ??يڻ چاهين ٿا. روس لاءِ ان جو مطلب روسي رياست جو خاتمو آهي. ان جو مطلب روسي رياست جي هزار سالن جي تاريخ جو خاتمو آهي جيڪو ممڪن ناهي. روسي صدر اعتراف ڪيو ته ايٽمي هٿيارن جي استعمال بابت ڪنهن به ت??راري جي پور?? انسانيت لاءِ سنگين نتيجا هوندا، پر هن موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن ملڪ جو وجود خطي ۾ پئجي ويو ته روسي حڪومت سمورن دستياب ذريعن کي استعمال ڪندي ??نهنجو دفاع ڪرڻ تي مج??ور ٿيندي.
آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي روس کي اسٽريٽجڪ شڪست ڏيڻ جي خواهش پوري نه ٿيندي: روس جو صدر
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis