نيويارڪ -29 مئي (اي پي پي) پا??ستان ۽ سينٽ لوشيا وچ ۾ باضابطا طور سفارتي لاڳاپا قائم ٿي ويا. ان سلسلي ۾ گڏيل قومن ۾ پا??ستاني مشن ۾ تقريب جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ گڏيل قومن ۾ پا??ستان جي مستقل نمائندي منير راڪم ۽ اوڀر ڪيريبين ۾ واقع ويسٽ انڊيز جي ٻيٽ جي ملڪ سينٽ لوشيا سان سندس هم منصب مينيسا ريمبالي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي باضابطا بڻائڻ لاءِ سندن حڪومتن طرفان هڪ گڏيل پڌرنامي تي صحيحيون ڪيون ويون. ان موقعي تي پا??ستاني نمائندي ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن دولت مشترڪه سميت گهڻ رخي فورمز تي سهڪار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته باضابطا لاڳاپن جي قيام سان ٻه طرفي لاڳاپن خاص طور تي واپار، سياسي سهڪار جي شعبن ۽ سياحت کي هٿي ملندي. ان موقعي تي سينٽ لوشيا جي سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن جي هڪ نئين پر اهم باب جي شروعا تي خ??شي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي اسٽار ڪرڪٽر ڊيرن سيمي جنهن جو تعلق سينٽ لوشيا سان آهي، هڪ اعزازي پا??ستاني شهري به ??هي ج??ڪو سدائين پا??ستان ۽ اتان جي عوام جي مهمان نوازي بابت ڳالهيون ڪندو آهي. سفير تقريب جي ميزباني ڪرڻ تي پا??ستاني نمائندي جو شڪريو به ??دا ڪيو.
پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا وچ ۾ باضابطا طور سفارتي لاڳاپا قائم
مضمون کا ماخذ : بونانزا