رياض _ 10 مئي (اي پي پي ) سع??دي عرب جي ٽراسنپورٽ واري وزير ولاجسٽڪ سروس انجنيئر صالح الجاسر چيو آهي ته حج سيزن ۾ جديد ترين ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي ويندي ته جيئن حاجين کي فراهم ڪيل خدمتن جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي . هن العربيه نيٽ کان خصوصي ڳالهيون ڪندي چيو ته حج سيزن ۾ ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪ جو شعبو انتهائي اهم هوندو آهي . هلندڙ سال حج سيزن ??ورا?? جديد ٽيڪنالوجيز مان فائدو کڻندي هوائي ٽيڪسن ۽ ڊرونز جو استعمال ڪرڻ جو فيص??و ڪيو ويو آهي . هن چيو ته حاجين جي اچ وڃ کي منظم ڪرڻ لاءِ جوڙيل گڏيل پروگرام تحت مقرر وقت تي عملي قدم کڻڻا پوندا آهن ته جيئن حاجين کي ڪنهن قسم جي مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي .
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس