رياض-27 ڊسمبر (اي پي پي)سعودي عرب جي م??لس شوريٰ يمن ۾ امن عمل جي حمايت لاءِ تجويز ڪيل روڊ ميپ جي آجيان ڪئي آهي. ايس پي اي م??ابق ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت هيٺ ڪابينا جي اجلاس ۾ يمن ۽ ان جي عوام لاءِ مملڪت جي حمايت ۽ معاونت جا??ي رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. يمن جي ??رين کي ترغيب ڏني ته هو گڏي?? قومن جي نگراني ۾ هڪ جامع ۽ جٽادار سياسي حل لاءِ ڳالهين ۾ شامل ٿين. اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي اڳڀرائي خاص طور تي ??لسطين جي علائقن جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. ڪابينا گڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل طرفان غزه لاءِ انساني امداد ۾ واڌ جي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها پنهنجي ذميواري پوري ڪري. قابض اسرائيلي اختيارين طرفان شهرين خلاف عالمي ۽ جنگي قانونن جي منظم ڀڃڪڙين کي فوري طور تي بند ڪرڻ تي زور ڀريو. ڪابينا موجوده سال جي م??اشي نتيجن ۽ مملڪت جي سمورن علائقن ۾ جامع اقتصادي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ ترقياتي ??نصوبن، پروگرامن جو جائزو ورتو جيڪو ويزن 2030ع جي هدفن مطابق آهي. ڪابينا انهن ڪمپنين سان حڪومتي م??اهدن تي اثر انداز ٿيندڙ اهم منصوبن جي منظوري ڏني جنهن جي مملڪت ۾ علائقائي هيڊڪوارٽرز ناهن. اجلاس ۾ سعودي فوڊ اينڊ ڊرگ اٿارٽي جي انٽرنيشنل ميڊيڪل ڊوائيس ريگوليٽري فورم ۾ شموليت جي توثيق ڪئي وئي. برطانيه جي سيڪريٽ انٽيليجنس سروس سان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت جي منظوري پڻ ڏني وئي.
سعودي ڪابينا طرفان يمن ۾ امن عمل لاءِ روڊ ميپ جي آجيان
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز