بئنڪاڪ-05 آڪٽوبر(اي پي پي) سڄي دنيا ۾ ٻوڏ جي انتهائي خطرن وارن عل??ئق?? ۾ انساني آبادي جي پکيڙ ۾ وڌيڪ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. عالمي بئنڪ جي معيشت جي ماهر جون رينٽشلر جي سربراهي ۾ تيار ڪيل تحقيقي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته ٻوڏ جي خطرن وارن عل??ئق?? ۾ انساني آبادي ۾ اضافو 1985ع کانپوءِ محفوظ عل??ئق?? ۾ ان رجحان جي مقابلي ۾ ڪ??تر??ئي ڀيرا وڌيڪ آ??ي. جون رينٽشلر موجب هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن انساني وستين کي ماحولياتي تبديلي موجب بدلائڻ گهرجي، ڪ??تر??ئي ملڪ انساني آبادين جي امڪاني ٻوڏ سبب متاثر ٿيڻ جي امڪانن ۾ تيزي سان اضافو ڪري رهيا آهن. ان تحقيق ۾ دنيا جي مختلف حصن ۾ آيل ٻوڏ جي نقشن سان گڏوگڏ عالمي سطح تي انساني آبادي جي پکيڙ کي ٽريڪ ڪرڻ واري سيٽلائيٽس ذريعي گذريل 30 سالن دوران ورتل تصويرن جو تجزيو ڪيو ويو. تحقيق ۾ اها ڳالهه ??ام??ون آئي ته 2015ع تائين آبادي وارن سمورن عل??ئق?? مان 20 سيڪڙو علائقا وچولي يا وڌيڪ ٻوڏ جي خطرن وارا هئا، جيڪي ٽي ڏهاڪا اڳ 17.9 سيڪڙو هئا، انساني آبادي وارن عل??ئق?? جو اهو تناسب تقريبن 76 هزار 400 ڪلوميٽر انساني آبادي جي برابر آهي جيڪو گريٽر لنڊن جي ڳاڻيٽي کان 48 ڀيرا وڌيڪ آ??ي. رپورٽ موجب اهڙن عل??ئق?? ۾ اوڀر ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جو خطو، خاص طور تي چين سان گڏوگڏ ويٽنام ۽ بنگلاديش ۾ شهري واڌ وارا علائقا خاص طور تي ذڪر جوڳا آهن. ماحولياتي تبديلين جي نتيجي ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي خطرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته گرم ماحول وڌيڪ گهم رکي ٿو، جنهن سان برسات امڪاني طور تي وڌيڪ طاقتور ٿيندي آهي، ان جو اهو مطلب آهي ته ٻوڏ جا واقعا جيڪي هر 100 سال يا ان کان وڌيڪ جو امڪان سمجهيو ويندو هو هاڻي تيزي سان عام ٿي رهيا آهن، رپورٽ ۾ چيو ويو ته آبادي جي رجحان کي سمجهڻ شهري آبادين جي پکيڙ جي حوالي سان پاليسين کي تبديل ڪرڻ جو پهريون قدم هجڻ گهرجي.
سڄي دنيا ۾ ٻوڏ جي انتهائي خطرن وارن علائقن ۾ آبادي جي پکيڙ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي: عالمي بئنڪ جي معيشت جي ماهر جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز