ٽوڪيو -25 سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي صد?? شي جن پنگ ڏکڻ ڪوريا جي وزيراعظم کي ٻڌايو ته هو ڪنهن مناسب وقت تي چين، جا??ان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي سالياني سربراهي اجلاس منعقد ڪرڻ جي ٻي??ر شروعات جو ارادو رکي ٿو. جا??اني خابرو اداري مطابق ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت جي هڪ اعليٰ سطحي عهديدار چيو ته صد?? شي جن پنگ چيو ته ان جو ملڪ ٽه ڌري سربراهه ملاقاتن جي ٻي??ر شروع ڪرڻ جي ڏکڻ ڪوريا جي ڪوششن کي ساراهي ٿو. هي سربراه ملاقاتون چئن سالن کان معطل هيون. ڄاڻايل عهديدار چين جي صدر جي بيان جو حوالو ڏنو آهي ته هڪ مناسب وقت تي سربراهه ملاقات جي منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪئي ويندي. ان موقعي تي ڏکڻ ڪوريا جي وزيراعظم چين جي صدر کي ٻڌايو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڏکڻ ڪوريا قدم کڻندو ته سربراهه ملاقات فوري طور تي منعقد ٿي سگهي. اطلاعن مطابق هن چيو ته ان جو ملڪ ايندڙ ڏينهن ۾ ڏکڻ ڪوريا جي دارالحڪومت سيئول ۾ هڪ اعليٰ سطحي ٽه ڌري ملاقات جي ميزباني ڪندي شروعات ڪدو. هن چيو ته ڏکڻ ڪوريا هلندڙ سال جي آخر تائين اعليٰ سطحي ڳالهيون منعقد ڪرڻ چاهي ٿو. ڏکڻ ڪوريا ايندڙ ٽه ڌري سربراهه اجلاس جي سربراهي سنڀالڻ وارو آهي. واضح رهي ته ڏکڻ ڪوريا جو وزيراعظم اڄ ??لهه ايشيائي راندين جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ چين جو دورو ڪري رهيو آهي.
صدر شي جن پنگ جي چين، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا سربراهه اجلاس جي بحالي لاءِ حمايت
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ